وزيراعظم عمران خان جي گهرو وزير شيخ رشيد سان اهم ملاقات

عمران خان

وزيراعظم عمران خان سان گهرو وزير شيخ رشيد احمد قطر جي دوري کان واپسي تي اهم ملاقات ڪئي آهي.

ملاقات ۾  ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ۽ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جي احتجاج تي ڳالهيون به ڪيون ويون. وزيراعظم ۽ گهرو وزير جي ملاقات ۾ امڪاني ڌرڻي جي صورت ۾ حڪومتي تيارين تي به ڳالهيون ڪيون ويون.

ٻئي طرف حڪومت مخالف اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جو سربراهي اجلاس مولانا فضل الرحمان جي سربراهي ۾ شروع ٿي ويو آهي.  اجلاس ۾ مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز سميت پي ڊي ايم پارٽين جا اڳواڻ شريڪ آهن.

Read Previous

حڪومت جو چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ سڀني ميمبرن کان استعيفيٰ جو مطالبو

Read Next

آرمي چيف سان ايئرچيف مارشل جي الوداعي ملاقات

Most Popular