وزيراعظم عمران خان سان گهرو وزير شيخ رشيد احمد قطر جي دوري کان واپسي تي اهم ملاقات ڪئي آهي.
ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ۽ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جي احتجاج تي ڳالهيون به ڪيون ويون. وزيراعظم ۽ گهرو وزير جي ملاقات ۾ امڪاني ڌرڻي جي صورت ۾ حڪومتي تيارين تي به ڳالهيون ڪيون ويون.
ٻئي طرف حڪومت مخالف اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جو سربراهي اجلاس مولانا فضل الرحمان جي سربراهي ۾ شروع ٿي ويو آهي. اجلاس ۾ مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز سميت پي ڊي ايم پارٽين جا اڳواڻ شريڪ آهن.