آرمي چيف سان ايئرچيف مارشل جي الوداعي ملاقات

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ايئرچيف مارشل الوداعي ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو ۽ فوجي دستن ايئرچيف کي شهيدن جي يادگار تي اعزازي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان مجاهد انور خان الوداعي ملاقات ڪئي.  جڏهن ته آرمي چيف ايئرچيف مجاهد انور خان جي خدمتن جي تعريف ڪئي. آرمي چيف جنرل قمرجاويد باجوه آپريشن سوئفٽ رينارٽ دوران ايئرچيف جي صلاحيتن جي تعريف ڪئي ۽ دهشتگردي جي خلاف ايئرچيف مارشل جي تعاون جي به ساراهه ڪئي.

ان کان اڳ پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل  محمد امجد خان نيازي جو بحرين ۾ پرجوش استقبال ڪيو ويو. نيول چيف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي سرڪاري دوري تي بحرين پهتو جتي کيس روايتي انداز ۾ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو هو.

Read Previous

وزيراعظم عمران خان جي گهرو وزير شيخ رشيد سان اهم ملاقات

Read Next

ڪورونا وبا: خيبرپختونخواهه جي نو ضلعن ۾ اسڪول بند ڪرڻ جو فيصلو

Most Popular