 
									                                صدر عارف علوي کان پوءِ وزيراعظم عمران خان به ڪورونا ويڪسين لڳرائي ڇڏي آهي.
سڄي ملڪ ۾ 60 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو عمل جاري آهي ۽ صدر عارف علوي سميت ڪيتريون ئي شخصيتون ڪورونا ويڪسين لڳرائي چڪيون آهن.
هاڻ وزيراعظم عمران خان به ڪورونا ويڪسين لڳرائي ڇڏي آهي. وزيراعظم ڪورونا ويڪسين اسلام آباد ۾ لڳرائي.
ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان قوم کي به اپيل ڪئي آهي ته وبا جي ٽئين لهر کي نظر ۾ رکندي ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪرڻ کي يقيني بنايو وڃي.
 
         
                                 
                                 
                                 
                                 
                                 
                                 
							  
							  
							 