مريم نواز کي ٻيهر گهرائڻ احتساب جي منهن تي چماٽ آهي: مريم اورنگزيب

مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو آهي ته مريم نواز کي ٻيهر گهرائڻ احتساب جي منهن تي چماٽ آهي.

مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ مريم اورنگزيب صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اڄ ملڪ مٿان سليڪٽڊ ٽولو مڙهيو ويو آهي ۽ ملڪ ۾ اڄ مهانگائي جي شرح 18 سيڪڙو آهي. هن چيو ته شريف ڀائرن هميشه ميثاق جمهوريت جي ڳالهه ڪئي هئي. نوازشريف جي حڪومت کان اڳ ملڪ ۾ 14 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي ۽ نوازشريف جي قيادت 2018 ۾ لوڊشيڊنگ ٻُڙي ڪري ڇڏي هئي.

Read Previous

وزيراعظم عمران خان ڪورونا ويڪسين لڳرائي ڇڏي

Read Next

يو ٽرن وٺڻ وارا ناهيون، ضرورت پئي ته استعيفائون به ڏينداسين: مراد علي شاهه

Most Popular