ڪشمير مسئلو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ جو وڏو سبب آهي: آرمي چيف

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته ڪشمير مسئلو پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڇڪتاڻ جو وڏو سبب آهي.

خطي ۾ امن لاءِ پراڻي مسئلي جو حل ضروري آهي. افغانستان ۾ امن عمل ۾ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اسلام آباد ۾ جاري نيشنل سيڪيورٽي ڊائيلاگ جي تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته نيشنل سيڪيورٽي ڊائيلاگ وقت جي اهم ضرورت آهي. اڄ دنيا کي مختلف قسمن جي دهشتگردي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. 

هلندڙ حالتن ۾ پاڪستان کي به ڪيترائي چيلنج سامهون اچي رهيا آهن جنهن جي لاءِ اسان کي حڪمت عملي اپنائڻ جي ضرورت آهي. آرمي چيف چيو ته پاڪستان سيڪيورٽي خطرن جي باوجود دفاع تي گهٽ خرچ ڪري رهيو آهي.

Read Previous

پنجن سالن کان پوءِ احتساب ٿيڻ گهرجي ته اسان ملڪ ۽ عوام لاءِ ڇا ڪيو: وزيراعظم

Read Next

مختصر وڊيو ٺاهيو ۽ فيس بڪ تان پئسا ڪمايو

Most Popular