مختصر وڊيو ٺاهيو ۽ فيس بڪ تان پئسا ڪمايو

سوشل ميڊيا سائٽ فيس بڪ جا ڪجهه صارفين هاڻ مختصر وڊيو پوسٽ کي آمدني جو ذريعو بنائي سگهن ٿا.

فيس بڪ طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته هاڻ صارفين هڪ منٽ جي مختصر وڊيوز ۽ لائيو اسٽريم سان گڏوگڏ اشتهارن جي ذريعي به آمدني حاصل ڪري سگهن ٿا. فيس بڪ ايپ مونيٽائزيشن جي ڊائريڪٽر يوو آرنسٽائن جو چوڻ آهي ته ڪمپني هن پروگرام جي ذريعي مختصر ۽ لائيو وڊيوز ٺاهيندڙن کي بااختياربنائڻ چاهي ٿي.

فيس بڪ طرفان ڪيل هن نئين  اعلان کي سوشل ميڊيا سائٽ ٽڪ ٽاڪ جي لاءِ هڪ مقابلو تصور ڪيو پيو وڃي. هڪ رپورٽ موجب ٽڪ ٽاڪ صارفين ايپ ڪيريئرفنڊز جي تحت ويوز کي آمدني جو ذريعو بنائيندا آهن. ايپ ڪرينٽرز  فنڊ جي ميمبرن لاءِ اپلائي ڪرڻ لاءِ 30 ڏينهن جي دوران 10 هزا فالورز ۽ ويوز جو هجڻ ضروري آهي.

Read Previous

ڪشمير مسئلو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ جو وڏو سبب آهي: آرمي چيف

Read Next

ايف آءِ اي کي قومي ٽيم جي ڪپتان بابراعظم خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

Most Popular