پنجن سالن کان پوءِ احتساب ٿيڻ گهرجي ته اسان ملڪ ۽ عوام لاءِ ڇا ڪيو: وزيراعظم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان کي عوام 5 سالن جي لاءِ مينڊيٽ ڏنو آهي ۽ 5 سالن کان پوءِ احتساب ٿيڻ گهرجي ته اسان ملڪ ۽ عوام لاءِ ڇا ڪيو.

اسلام آباد ۾ صحآفين سان ڳالهيون ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت ٺهي ته چيو ويندو آهي ته هن هفتي گهر هلي ويندي. هر ڀيري حڪومت وڃڻ جون اڳڪٿيون ڪيون وينديون آهن. عمران خان چيو ته اسان کي عوام 5 سالن جي لاءِ مينڊيٽ ڏنو آهي ۽ 5 سالن کان پوءِ احتساب ٿيڻ گهرجي ته اسان ملڪ ۽ عوام لاءِ ڇا ڪيو.

وزيراعظم وڌيڪ چيو ته انتهائي غريب ماڻهن کي 7 هزار کان وڌيڪ گهر ٺاهي ڏئي ڇڏيا آهن. 50 لک گهرن جي منصوبي مان ماڻهن کي گهر ملڻ شروع ٿي ويا آهن. اسان ٻه نوان شهر ٺاهي رهيا آهيون ۽ 50 لک گهرن جو حدف پورو ڪنداسين. هن جو چوڻ هو ته 18هين ترميم کان پوءِ اختيار صوبن وٽ آهن.

Read Previous

يو ٽرن وٺڻ وارا ناهيون، ضرورت پئي ته استعيفائون به ڏينداسين: مراد علي شاهه

Read Next

ڪشمير مسئلو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ جو وڏو سبب آهي: آرمي چيف

Most Popular