والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج وڌيڪ 4 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو.
ڪشمير ميڊيا سروس موجب نوجوانن کي ضلعي شوپيان جي علائقي مانيهال ۾ شهيد ڪيو ويو جنهن کان پوءِ علائقي ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي. شهيدن جا وارث ڀارتي ظلمن خلاف گهرن مان ٻاهر نڪري آيا ۽ ڀارتي فوج خلاف احتجاج به ڪيو.
واضح رهي ته ڀارتي فوج طرفان والاريل ڪشمير ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس بند آهي. گذريل هفتي به ضلعي شوپيان ۾ ٽن ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪيو ويو هو. ڪارروائي ۾ ڪشميرين جي ملڪيتن کي به وڏي پيماني تي نقصان پهچايو ويو هو.