اداڪاره سوها علي اڳوڻي رانديگر شعيب محمد جي پٽ سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي

پاڪستان شوبز انڊسٽري جي اداڪاره ۽ ماڊل سوهائي علي ابڙو قومي ٽيم جي اڳوڻي رانديگر شعيب محمد جي پٽ سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي آهي.

سوشل ميڊيا تي سوهائي علي ابڙو جي اڳوڻي رانديگر شعيب محمد جي پٽ شهزار محمد سان شادي  جي خبرن جا چرچا آهن. اداڪاره سوهائي علي ۽ شهزار محمد جي شادي واري تقريب جون تصويرون ۽ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن. تصوير ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪنوار سوهائي علي گولڊن رنگ جو عروسي جوڙو پائي رکيو آهي.

جڏهن ته گهوٽ کي آف وائٽ رنگ جي شيرواني پاتل آهي. ميڊيا رپورٽن موجب اداڪاره سوهائي علي ابڙو ۽ شهزار محمد جي شادي تقريب ۾ فلمي فنڪارن سميت ڪيترين ئي شخصيتن شرڪت ڪئي.

ياد رهي ته اداڪاره سوهائي علي ابڙو ڪيترن ئي ڊرامن ۾ جلوه ڏيکاري چڪي آهي. ان کان علاوه سوهائي علي پنهنجو فلمي ڪيريئر فلم(انجمن) کان شروع ڪيو ۽ ان کان پوءِ هن رانگ نمبر، جواني پهر نهين آني ۽ موٽر سائيڪل گرل ۾ به اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا.

Read Previous

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جا ظلم جاري، وڌيڪ چار ڪشميري نوجوان شهيد

Read Next

پاڪستاني رانديگر شرجيل خان فٽنس تي ٻيهر ڌيان ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو

Most Popular