پاڪستاني رانديگر شرجيل خان فٽنس تي ٻيهر ڌيان ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو

پاڪستاني رانديگر شرجيل خان فٽنس تي ڌيان ڏيندي ڪم شروع ڪري ڏنو آهي ۽ هو قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ اڪيلي رننگ ڪندو رهيو.

کاٻي هٿ جي اوپننگ رانديگر شرجيل خان اسپاٽ فڪسنگ ڪيس جي پابندي ختم ٿيڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو پاڪستاني ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي پر ان جي فتنس کي تنقيد جو نشانو بنايو پيو وڃي. فٽنس جي بهتري جي لاءِ رانديگر شرجيل خان قذافي اسٽيڊيم ۾ اڪيلي رننگ ڪئي ۽ گرائونڊ جا پنج چڪر لڳايا.

انٽر اسڪواڊ ميچ جي موقعي تي شرجيل خان انفرادي  فٽنس تي ڌيان ڏئي رهيو آهي. شرجيل خان انٽرا اسڪواڊ ميچ ۾  شاداب اليون ۾ شامل آهي ۽ هن 100 سيڪڙو فٽنس ۽ وزن گهٽ ڪرڻ کي پنهنجو حدف بنائي ورتو آهي.

Read Previous

اداڪاره سوها علي اڳوڻي رانديگر شعيب محمد جي پٽ سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي

Read Next

فيس بڪ تي ٺاهيل سياسي گروپن بابت ڪمپني وڏو قدم کڻي ڇڏيو

Most Popular