فيس بڪ تي ٺاهيل سياسي گروپن بابت ڪمپني وڏو قدم کڻي ڇڏيو

سوشل ميڊيا سائٽ فيس بڪ چيو آهي ته ڪمپني سائٽ تان ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جي لاءِ سياسي ۽ سماجي گروپن بابت هڪ اهم قدم کنيو آهي.

فيس بڪ بلاگ پوسٽ ۾ اعلان ڪيو آهي ته ڪمپني پنهنجي پليٽ فارم تان قائدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ سياسي ۽ سماجي گروپن کي مهم ۽ ان کي جوائن ڪرڻ جي پروموشن کي ختم ڪري رهي آهي ۽ ان قدم جو مقصد فيس بڪ جي قائدن ۽ ضابطن ٽوڙيندڙ گروپن جي پهچ کي محدود ڪرڻ آهي جڏهن ته ان سان گڏ ئي اهڙن گروپن تائين سفارشن جي ذريعي عوام جي پهچ به محدود ڪرڻ آهي جيڪي ماضي ۾ فيس بڪ جي قائدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪري چڪا آهن.

Read Previous

پاڪستاني رانديگر شرجيل خان فٽنس تي ٻيهر ڌيان ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو

Read Next

جيڪب آباد: ناريجا برادري ۾ ڪارنهن الزام ۾ سڱ چٽي واري فيصلي جو جرڳو، ھڪ ڌر تي ويهه لک روپيا ڏنڊ، ڌريون کير کنڊ

Most Popular