سنڌ هاءِ ڪورٽ جو وفاق کي هفتي اندر ڪورونا ويڪسين جو اگهه مقرر ڪرڻ جو حڪم

سنڌ هاءِ ڪورٽ وفاق کي هڪ هفتي ۾ روس جي ڪورونا ويڪسين اسپوٽنڪ فائيو جي قيمت مقررڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ڪورونا ويڪسين اسپوٽنڪ فائيو جي ريليز جي خلاف ڊريپ جي اپيل جي ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏنا ته اهم نوعيت جا معاملا آهن، جلد فيصلو ٿيڻ گهرجي.

جسٽس محمد علي مظهر جو چوڻ هو ته عوامي فماد جو معاملو ٺيڪ آهي پر لاڳاپيل جج وٽ وينداسين، ڊرگ انسپڪٽر جي صحيح تائين ويڪسين مارڪيٽ ۾ وڪرو نٿي ٿي سگهي.

ڊريپ جي وڪيل جو چوڻ هو ته جيستائين قيمت مقرر نٿي ٿئي ويڪسين وڪرو نه ڪئي وڃي جنهن تي جسٽس امجد علي سهتو چيو ته غلط ڪم ڊريپ ڪري رهيو آهي، هڪ ماڻهو ويڪسين امپورٽ ڪئي آهي ته اُهو وڪرو ڪندو.

ريگوليٽري اٿارٽي جي وڪيل جو چوڻ هو ته ان ويڪسين جي قيمت جي ڪابينا في الحال منظوري ناهي ڏني.

خانگي ڪمپني جي وڪيل جو چوڻ هو ته ڊريپ پنهنجي وڻندڙ ماڻهن کي نوازڻ جي لاءِ ڪنهن ٻي ڪمپني کي وڪري جي اجازت ڏيڻ چاهي ٿو، اسان ويڪسين جي امپورٽ ۾ 25 ملين جي سيڙپڪاري ڪئي آهي.

ڊريپ جي وڪيل چيو ته پنهنجي مرضي جي قيمت تي ويڪسين وڪرو ڪرڻ چاهيون ٿا، جنهن تي ڪمپني جي وڪيل جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت ڪورونا ويڪسين جي امپورٽ جي اجازت ڏني هئي.

جسٽس محمد علي مظهر ڊريپ جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته توهان قيمتون ڪڏهن طئي ڪندا؟ جنهن تي وڪيل ٻڌايو ته اسان هن ئي هفتي ويڪسين جو اگهه مقرر ڪنداسين.

Read Previous

جيڪب آباد: ناريجا برادري ۾ ڪارنهن الزام ۾ سڱ چٽي واري فيصلي جو جرڳو، ھڪ ڌر تي ويهه لک روپيا ڏنڊ، ڌريون کير کنڊ

Read Next

حڪومت پيٽرول اگهن ۾ گهٽتائي جوا علان ڪري ڇڏيو

Most Popular