حڪومت پيٽرول اگهن ۾ گهٽتائي جوا علان ڪري ڇڏيو

حڪومت پيٽرول اگهن ۾ ڏيڍ جڏهن ته ڊيزل جي اگهه ۾ 3 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران ناڻي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو ته ملڪي ترقي معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ سان مشروط آهي، اسد عمر ۽ حفيظ شيخ ملڪي معيشت کي مضبوط ڪيو، موجوده حڪومت ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي منهن ڏيڻو پيو، اڍائي ارب ڊالر جو بانڊ جاري ڪيو هو، ان ۾ ڪاميابي ملي. اسان جي ڪرنسي پنهنجي زور تي بيٺي آهي.

حماد اظهر چيو ته پيٽرول جي اگهه ۾ ڏيڍ رپيا جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي ويندي. اسان اسٽيٽ بينڪ کي خودمختيار ڪيو آهي، اسان کي صنعت ۽ عوام جي فلاح ڏسڻي آهي، ڪڏهن ڪڏهن سخت فيصلا ڪرڻا پوندا آهن پر اسان جي فيصلن جو بنياد پاڪستان ۽ عوام جي فلاح هوندو، سبسڊي کي ٽارگٽڊ ڪرڻ جي لاءِ کاتن سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن، آئون عوام آڏو جوابده آهيان ۽ پنهنجي ملڪ ۾ ئي رهندس.

Read Previous

سنڌ هاءِ ڪورٽ جو وفاق کي هفتي اندر ڪورونا ويڪسين جو اگهه مقرر ڪرڻ جو حڪم

Read Next

سمارٽ ۽ مائڪرو ڪجهه ناهي هوندو، يا لاڪ ڊائون ڪيو يا نه: مراد علي شاهه

Most Popular