جيڪب آباد: ناريجا برادري ۾ ڪارنهن الزام ۾ سڱ چٽي واري فيصلي جو جرڳو، ھڪ ڌر تي ويهه لک روپيا ڏنڊ، ڌريون کير کنڊ

جيڪب آباد رتيديرو جي ناريجا برادري ۾ ڪارنهن الزام ۾ سڱ چٽي واري فيصلي جو جرڳو، ھڪ ڌر تي 20 لک روپيا ڏنڊ، ڌريون کير کنڊ.

خبر موجب رتيديرو جي ناريجا برادري جي ٻن ڌرين دلاور ناريجو ۽ وڪيل غلام رسول ناريجو ۾ 13 سالن کان ھلندڙ ڪارنهن تڪرار جو جرڳو ڳوٺ آدم خان پنهور ۾ اڳوڻي صوبائي وزير منظور خان پنهور جي سرپئنچي ھيٺ ٿي گذريو.

ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد الزام هيٺ آيل ڌر مٿان سڱ چٽي واري فيصلي جو فيصلو تبديل ڪري 20 لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، الزام هيٺ آيل ڌر وڪيل غلام رسول ناريجو موقعي تي ٻه لک ادا ڪيا بقايا 18 لک ٻن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي، فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڌر مٿان 10 لک رپيا ڏنڊ رکڻ جي فتويٰ ٻڌائي وئي.

واضح رهي ته دلاور ناريجو 13 سال اڳ پنهنجي گهرواري کي ڪارنهن الزام هيٺ ڪھاڙيون ھڻي قتل ڪري لاش درياءُ ۾ لوڙھي ڇڏيو هو جنهن جو الزام وڪيل غلام رسول ناريجو مٿان ڏنو ويو ھو

Read Previous

فيس بڪ تي ٺاهيل سياسي گروپن بابت ڪمپني وڏو قدم کڻي ڇڏيو

Read Next

سنڌ هاءِ ڪورٽ جو وفاق کي هفتي اندر ڪورونا ويڪسين جو اگهه مقرر ڪرڻ جو حڪم

Most Popular