ڊسڪه چونڊ: تحريڪ انصاف جي اپيل رد سپريم ڪورٽ سموري تڪ ۾ ٻيهر چونڊ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

جسٽس منيب اختر

سپريم ڪورٽ اين اي 75 ڊسڪه ۾ ٻيهر چونڊ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ ڊسڪه ۾ ٻيهر چونڊ جي اليڪشن ڪميشن واري حڪم خلاف اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل ميان عبدالرئوف دليل ڏنا ته آءِ جي پنجاب ۽ ٻين اختيارين فون نه ٻڌا. 13 پولنگ اسٽيشنن تي پولنگ معطل رهي. فائرنگ جا واقعا سموري تڪ ۾ ٿيا. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته عدالت کي پولنگ اسٽيشنن جي ڳڻپ ناهي ڪرڻي. قانوني لفظن تي ڳالهايو. جيڪي ضروري نوعيت جا آهن. رڳو انهن دستاويزن تي ڳالهايو جن جي بنياد تي ڪميشن فيصلو ڏنو. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل ميان عبدالرئوف چيو ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۾ منظم ڌانڌلي جو ذڪر ناهي.

Read Previous

ثابت ٿي ويو ته حڪومت ڊسڪه چونڊ ۾ عوام جي ووٽ تي ڌاڙو هنيو: مريم نواز

Read Next

لاڪ ڊائون نٿا چاهيون ٻن هفتن لاءِ بين الصوبائي ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ چاهيون ٿا: مراد علي شاهه

Most Popular