لاڪ ڊائون نٿا چاهيون ٻن هفتن لاءِ بين الصوبائي ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ چاهيون ٿا: مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو اهي ته اسان صوبي ۾ لاڪ ڊائون نٿا چاهيون پر صرف 2 هفتن جي لاءِ بين الصوبائي ٽرانسپورٽ کي بند ڪرڻ چاهيون ٿا. سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان چيو آهي ته سنڌ ۾ هڪ مهيني دوران برطانيه مان ايندڙن جا تفصيل جمع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ترجمان موجب وڏي وزير چيو آهي ته اسان لاڪ ڊائون نٿا چاهيون صرف بين الصوبائي ٽرانسپورٽ کي 2 هفتن جي لاءِ بند ڪرڻ چاهيون ٿا. بندرگاهه تي سرگرميون ۽ گڊز ٽرانسپورٽ جاري رکڻ چاهيون ٿا. سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ آهي ته بين الصوبائي ٽرانسپورٽ بند ٿيڻ سان ڪورونا جي ٽئين لهر جي پکيڙ کي روڪي سگهجي ٿو.

Read Previous

ڊسڪه چونڊ: تحريڪ انصاف جي اپيل رد سپريم ڪورٽ سموري تڪ ۾ ٻيهر چونڊ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Read Next

ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ڀارت جو ليجنڊ رانديگر سچن ٽنڊوالڪر اسپتال منتقل

Most Popular