ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ڀارت جو ليجنڊ رانديگر سچن ٽنڊوالڪر اسپتال منتقل

ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ڀارت جو ليجنڊ رانديگر سچن ٽنڊاولڪر اسپتال ۾ داخل ٿي ويو آهي.

اڳوڻي ڀارتي ڪپتان سچن ٽنڊوالڪر جي 27 مارچ تي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا هجڻ جي تصديق ٿي هئي جنهن ۾ هن چيو هو ته مون کي معمولي  نوعيت جون نشانيون آهن پر منهنجي گهر جي سمورن گهر ڀاتين جي ڪورونا ناڪاري آئي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب سچن ٽنڊوالڪر پهرين گهر ۾ قرنطينه ڪري رهيو هو پر هاڻ هو اسپتال ۾ داخل ٿي ويو آهي جنهن جي تصديق هن پاڻ ٽوئٽ جي ذريعي ڪئي آهي. 47 ساله سچن ٽنڊوالڪر پنهنجي ٽوئٽ ۾ چيو آهي ته احتياطي تدبيرن جي طور تي ڊاڪٽرن جي مشوري تي اسپتال ۾ داخل ٿي ويو آهيان

Read Previous

لاڪ ڊائون نٿا چاهيون ٻن هفتن لاءِ بين الصوبائي ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ چاهيون ٿا: مراد علي شاهه

Read Next

مشهور گلوڪار شوڪت علي لاڏاڻو ڪري ويو

Most Popular