پاڪستان جو مشهور فوڪ گلوڪار شوڪت علي لاڏاڻو ڪري ويو. گلوڪار شوڪت علي سي ايم ايڇ ۾ علاج هيٺ هو ان جي لاڏاڻي جي تصديق سندس گهر ڀاتين ڪئي آهي.
ياد رهي ته گلوڪار شوڪت علي جگر جي بيماري ۾ مبتلا هو ۽ ان جي پٽ عمران شوڪت مداحن کان پنهنجي والد جي صحتيابي جي لاءِ دعا جي به اپيل ڪئي هئي.
شوڪت علي پنجاب جي ضلعي گجرات جي فنڪار گهراڻي ۾ پيدا ٿيو ۽ هن پنهنجي فني سفر جي شروعات فلمي گيتن مان 1960ع جي ڏهاڪي ۾ ڪيو هو ۽ شوڪت علي جو غزل، گيت، قومي ترانا ۽ پنجابي لوڪ گيتن ۾ منفرد مقام هو.