تائيوان ۾ مسافر ٽرين پٽڙي تان لهي وئي، ايڪيتاليهه ڄڻا اجل جو شڪار

تائيوان ۾ مسافر ٽرين حادثي جو شڪار ٿي وئي آهي جنهن جي نيجي ۾ 41 مسافر اجل جو شڪار ٿي ويا آهن.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب واقعو اوڀرين تائيوان جي علائقي ۾ پيش آيو جتي مسافر ٽرين هڪ سرنگ ۾ حادثي جو شڪار ٿي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي مسافر زخمي به ٿيا آهن. جڏهن ته هن حادثي کي 40 سالن جي دوران بدترين حادثو قرار ڏنو پيو وڃي.

ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 8 ڊٻن تي ٻڌل مسافر ٽرين ۾ 350 مسافر سوار هئا جنهن کي مقامي وقت موجب صبح جو تقريبن ساڍي نائين وڳي حادثو پيش آيو.

Read Previous

مشهور گلوڪار شوڪت علي لاڏاڻو ڪري ويو

Read Next

فريال ٽالپر جو اليڪشن ڪميشن ۾ نااهلي ڪيس روڪرائڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ سان رابطو

Most Popular