سنڌ هاءِ ڪورٽ فائيو جي ٽيڪنالاجي جي ناڪاري اثرن بابت پي ٽي اي کان جواب طلب ڪري ورتو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 5 جي ٽيڪنالاجي تي پابندي بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت درخواست گذار کان سوال ڪيو ته ٻڌايو 5 جي ٽيڪنالاجي ڪيئن صحت لاءِ نقصانڪار آهي؟ ڇا 5 جي جو ڪنهن کي لائسنس ڏنو ويو آهي؟
درخواست گذار چيو ته 5 جي ٽيڪنالاجي انساني صحت، ماحول ۽ آب هوا لاءِ نقصانڪار آهي ۽ ان جو باقاعده لائسنس ڪنهن کي جاري ناهي ٿيو.