فخر زمان جي رن آئوٽ تي ڊي ڪوڪ ڏنڊ لڳڻ کان بچي ويو

ڏکڻ آفريقا جي خلاف ٻئين هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ فخرزمان جي رن آئوٽ واري معاملي جي لکت ۾ شڪايت نه ڪرڻ سبب ڪونئين ڊي ڪوڪ امڪاني ڏنڊ کان في الحال بچي ويو.

ٽيم انتظاميه جي ذريعن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته ميچ ختم ٿيڻ کان پوءِ فخرزمان جي تڪراري رن آئوٽ تي ٽيم مئنيجر منصور رانا ميچ ريفري اينڊي پائي ڪرافٽ کان زباني ڳالهه ضرور ڪئي آهي پر لکت ۾ باقاعده ڪابه شڪايت ناهي ڪئي. قائدن موجب ڪنهن به تڪراري ايڪشن تي لکت ۾ رپورٽ ڪري معاملو ميچ ريفري جي علم ۾ آڻڻ ضروري هوندو آهي.

Read Previous

افغان صدر اقتدار جي منتقلي لاءِ ٽن مرحلن تي ٻڌل منصوبو تيار ڪري ورتو

Read Next

فائيو جي ٽيڪنالاجي جي ناڪاري اثرن بابت پي ٽي اي کان جواب طلب

Most Popular