قومي ڪرڪيٽر حسن علي ڌيءَ جو پيءُ بڻجي ويو

قمي ٽيم جي فاسٽ بالر حسن علي سندس ٽوئيٽر اڪائونٽ ذريعي پنهنجي ڌيءَ جي پيدائش جي خوشخبري ٻڌائي.

هن چيو الحمدالله، الله کيس ڌيءَ جي اولاد سان نوازيو آهي، اسان پنهنجي شهزادي کي اسان جي فيملي ۾ اچڻ تي خوش آمديد چئون ٿا.

ان موقعي تي حسن علي ماڻهن کي دعائن ۾ ياد رکڻ جي اپيل به ڪئي.

ياد رهي ته ڪرڪيٽر حسن علي 20 آگسٽ تي ڀارتي ناري سميعه سان شادي رچائي هئي. 

Read Previous

نائيجيريا ۾ جيل تي حملي سبب ارڙهن سئو قيدي فرار

Read Next

ايل جي ڪمپني موبائيل فونز نه ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular