وفاقي ڪابينه ۾ ڦير ڦار ڪجهه ڏينهن لاءِ ملتوي، اهم وزارتن ۾ تبديلي جو امڪان

وفاقي ڪابينه ۾ ڦير ڦار کي ڪجهه ڏينهن جي لاءِ ملتوي ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪابينه ۾ ڦير ڦار جو فيصلو ڪندو. جنهن جي لاءِ هن پنهنجي ويجهن ساٿين سان صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن.

ذريعن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينه ۾ اهم ۽ وڏين وزارتن ۾ وڏي پيماني تي تبديلين جو امڪان آهي جنهن تحت ڪارڪردگي نه ڏيکاريندڙ وزيرن کي تبديل ڪيو ويندو. 

ذريعن موجب وفاقي وزير فخر امام، شبلي فراز، عمر ايوب  ۽ غلام سرور خان جون وزارتون تبديل ڪرڻ جو امڪان آهي.

Read Previous

سنڌ ۾ ٻاويهه اپريل کان عملي طور تي تعليمي عمل بحال ٿيندو: سعيد غني

Read Next

نائيجيريا ۾ جيل تي حملي سبب ارڙهن سئو قيدي فرار

Most Popular