گيلاني سينيٽ چونڊن بابت عدالتي فيصلي تي انٽراڪورٽ اپيل داخل ڪرائي ڇڏي

سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ يوسف رضا گيلاني سينيٽ چونڊن بابت عدالتي فيصلي تي انٽراڪورٽ اپيل داخل ڪرائي ڇڏي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله پ پ اڳواڻ يوسف رضا گيلاني جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي، جنهن تي اپوزيشن ليڊر سنگل بئنچ جي فيصلي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪرائي آهي.

هن فاروق ايڇ نائيڪ، جاويد اقبال وينس ۽ بئريسٽر عمر شيخ ذريعي داخل اپيل ۾ سنگل بئنچ جو عدالتي فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي.

يوسف رضا گيلاني موقف اختيار ڪيو آهي ته سينيٽ چيئرمين جي چونڊن ۾ 7 ووٽ رد ڪرڻ تي پريزائيڊنگ آفيسر جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

Read Previous

نيب جو خوراڪ کاتي پنجاب جي آفيس تي ڇاپو، کنڊ برآمد جو رڪارڊ ضبط

Read Next

ڀنڊار ٻيٽ بابت سنڌ حڪومت سان ڳالهائي رهيا آهيون: وزيراعظم

Most Popular