”وزير اعظم سعودي عرب جي دوري مان چانورن جي ٿيلهين کان سواءِ ڇا حاصل ڪيو“

ڪراچي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزير اعظم جي سعودي عرب جي دوري کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سعودي عرب جي دوري سان وزير اعظم چانورن جي 19 هزار ٿيلهين کان سواءِ ڪهڙي ڪاميابي حاصل ڪئي وزير اعظم جي سعودي عرب جي دوري جي خرچن جي ڀيٽ ڪئي وڃي، خرچن جي زڪوات جي مد ۾ حاصل ٿيندڙ چانورن جي ٿيلهين جي قيمت سان ڀيٽ ڪئي وڃي.

هن چيو ته عمران خان جي 22 سالن جي جدوجهد ايٽمي ملڪ کي زڪوات جا چانورن جي لائق بڻائڻ لاءِ هئي؟ دعا آهي ته خدا ڪنهن کي اهڙي جدوجهد جي توفيق نه ڏئي.

هن وڌيڪ چيو ته عمران خان کان عوام حساب وٺندو، وزير اعظم صاحب! نوٽيس وٺي مهانگائي تي ضابطو آڻڻ واري توهان جي دعويٰ بي نقاب ٿي چڪي، وزير اعظم کي خبر ئي ناهي ته هو تبديلي جي سونامي سان قيامت برپا ڪري چڪو آهي.

Read Previous

خيرپور ناٿن شاهه لڳ انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، ٻيو زخمي

Read Next

والاريل ڪشمير جي حيثيت بحال ٿيڻ تائين ڀارت سان ڳالهيون نه ٿينديون: وزيراعظم

Most Popular