اسرائيل جي بمباري: اسلامي يونيورسٽي جي عمارت تباهه، شهادتون ٻه سئو ٻارنهن ٿي ويون

اسرائيل جي راڪيٽ حملن ۾ اسلامي يونيورسٽي جي هڪ عمارت مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي جڏهن ته لاڳيتو 8 ڏينهن کان جاري بمباري سبب شهيدن جو انگ 212 ٿي ويو آهي.

هوڏانهن حماس جي اسرائيل مٿان راڪيٽ حملي ۾ 10 اسرائيلي به مارجي ويا آهن. عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب غزه تي اسرائيل جي بمباري لاڳيتو اٺين ڏينهن به جاري رهي. راڪيٽ حملن ۾ اسلامي يونيورسٽي جي هڪ عمارت مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي. خوشقسمتي سان حملي وقت شاگرد ۽ عملو يونيورسٽي ۾ موجود نه هو. غزه ۾ اٺن ڏينهن کان جاري اسرائيل جي بمباري ۾ شهيدن جو انگ 212 ٿي ويو. شهيد ٿيندڙن ۾ 61 ٻار، 35 عورتون ۽ 16 بزرگ شامل آهن جڏهن ته 1400 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

اسرائيلي حملن ۾ ميڊيا هائوسز سميت 3 عمارتون به مڪمل طور تي تباهه ٿي ويون. ٻئي طرف غزه مٿان حماس به اسرائيلي علائقي تي راڪيٽ فائر ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ 10 اسرائيلي به مارجي ويا. جڏهن ته لبنان طرفان به اسرائيلي زمين تي راڪيٽ فائر ڪيا ويا.

Read Previous

رابعا بٽ به فيصل ايڌي سان گڏ فلسطين وڃڻ جي خواهشمند

Read Next

پي ايس ايل 6 جون رهيل ميچون ابوظهبي ۾ ٿينديون

Most Popular