ڪراچي ۾ اوچتو آنڌاري کانپوءِ برسات، موسم خوشگوار ٿي وئي

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ سخت گرميءَ کانپوءِ برسات شروع ٿي وئي آهي، جنهن سان موسم خوشگوار ٿي ويو.

ڪراچي ۾ گذريل 3 ڏينهن کان سخت گرميءَ جو سلسلو جاري رهيو پر اڄ اوچتو شهر تي ڪارا ڪَڪر ڇانئجي ويا ۽ تيز هوائن جو سلسلو شروع ٿي ويو، جنهن جي ڪجهه دير کانپوءِ برسات به پوڻ لڳي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سخت گرمي ۽ سسٽم جي ٽرفنگ سبب ڪڪر ٺهي رهيا آهن، جڏهن ته مختلف علائقن ۾ برسات پئجي سگهي ٿي.

موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر سردار سرفراز ٻڌايو ته سائيڪلون بابت الرٽ ۾ آنڌاري جو امڪان ظاهر ڪيو ويو هو، ٻن ٽن ڪلاڪن ۾ شهر تان ڪَڪر گذري ويندا.

سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ گرمي جي شدت سڀاڻي کان گهٽجي ويندي، جڏهن ته شهر ۾ وڌيڪ برساتن جو ڪو امڪان ناهي، سامونڊي طوفان ۽ شهر ۾ گرمي جي شدت سبب بادل ٺهيا آهن.

Read Previous

پاڪستان ۾ گم ٿيل فون بلاڪ ڪرائڻ جو سولو طريقو متعارف

Read Next

غزا ۾ اسرائيل جون قهري ڪارروائيون جاري، تازن حملن ۾ 6 ڄڻا شهيد

Most Popular