غزا ۾ اسرائيل جون قهري ڪارروائيون جاري، تازن حملن ۾ 6 ڄڻا شهيد

Palestinians clash with Israeli security forces at the Al Aqsa Mosque compound in Jerusalem’s Old City Monday, May 10, 2021. Israeli police clashed with Palestinian protesters at a flashpoint Jerusalem holy site on Monday, the latest in a series of confrontations that is pushing the contested city to the brink of eruption. Palestinian medics said at least 180 Palestinians were hurt in the violence at the Al-Aqsa Mosque compound, including 80 who were hospitalized. (AP Photo/Mahmoud Illean)

اسرائيل طرفان غزا تي فضائي حملن جو سلسلو مسلسل ڏهين ڏينهن به جاري رهيو، جن ۾ صحافي سميت 6 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته ڪيتريون ئي رهائشي عمارتون ڊهي پَٽ ٿي ويون.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن ۾ غزا جي صحت اختيارين جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ هيل تائين 219 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ 63 ٻار به شامل آهن.

اسرائيلي حملن ۾ تقريبن 1500 فلسطيني زخمي به ٿيا آهن، جڏهن ته حماس جي راڪيٽ حملن ۾ اسرائيل ۾ 12 ڄڻا مارجي ويا ۽ 300 زخمي ٿيا آهن.

Read Previous

ڪراچي ۾ اوچتو آنڌاري کانپوءِ برسات، موسم خوشگوار ٿي وئي

Read Next

ملڪ ۾ اڄ به ڪورونا جا 3 هزار کان وڌيڪ ڪيس ظاهر، 104 فوت

Most Popular