ملڪ ۾ اڄ به ڪورونا جا 3 هزار کان وڌيڪ ڪيس ظاهر، 104 فوت

پاڪستان ۾ اڄ وري ڪورونا جا 3 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 104 ڄڻا فوت پڻ ٿيا.

انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 3 هزار 256 ماڻهو وائرس سان متاثر ٿيا ۽ 104 مريض لاڏاڻو ڪري ويا.

ملڪ ۾ 18 مئي تي مجموعي طور ڪورونا جي سڃاڻپ لاءِ 41 هزار 771 ٽيسٽون ڪيون ويون ۽ هيل تائين مجموعي طور 8 لک 86 هزار 184 ڄڻا وائرس سان متاثر ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي، جن مان 19 هزار 856 فوت ٿي چڪا آهن.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران وائرس جو شڪار وڌيڪ 4 هزار 440 ڄڻا صحتياب ٿي ويا، ائين صحتياب ٿيندڙن جو مجموعي انگ 7 لک 99 هزار 951 ٿي ويو آهي ۽ فعال ڪيسن جو انگ گهٽجي 66 هزار 377 رهجي ويو آهي.

Read Previous

غزا ۾ اسرائيل جون قهري ڪارروائيون جاري، تازن حملن ۾ 6 ڄڻا شهيد

Read Next

نواز شريف جي ملڪيت نيلامي روڪرائڻ جون درخواستون رد

Most Popular