نواز شريف جي ملڪيت نيلامي روڪرائڻ جون درخواستون رد

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ملڪيت نيلامي روڪرائڻ جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون.

ميان اقبال برڪت، محمد اشرف ۽ اسلم عزيز درخواستون داخل ڪيون هيون، جن تي ٻڌڻي ڪندي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري تي ٻڌل بئنچ مختصر فيصلو ٻڌايو.

عدالت درخواستن کي ٻڌڻي جوڳو قرار نه ڏنو ۽ فيصلي ۾ چيو ته درخواستگذار وٽ متبادل فورم موجود آهي.

عدالت چيو ته نيلامي روڪرائڻ لاءِ ٽرائل ڪورٽ سان رابطو ڪري سگهجي ٿو، تنهن ڪري متبادل فورم موجود هجڻ تي هاءِ ڪورٽ آئين جي آرٽيڪل 199 تحت اهي درخواستون نٿي ٻڌي سگهي.

Read Previous

ملڪ ۾ اڄ به ڪورونا جا 3 هزار کان وڌيڪ ڪيس ظاهر، 104 فوت

Read Next

مافيا گڏجي اين آر او پئي گهري پر ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندي: وزيراعظم

Most Popular