عدالت شيخ رشيد کي وڏي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

دالت وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد خلاف 10 ارب رپين جي ڏنڊ جو ڪيس خارج ڪري ڇڏيو.

ايڊيشنل سيشن جج نقيب شهزاد جي عدالت وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد خلاف حنيف عباسي جي 10 ارب رپين جي ڏنڊ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

گهڙي گهڙي طلب ڪرڻ باوجود حنيف عباسي نه پاڻ پيش ٿيو ۽ نه شاهديون پيش ڪري سگهيو، جنهن تي عدالت ڪيس خارج ڪري ڇڏيو.

واضح رهي ته اهو ڪيس ن ليگ جي اڳوڻي ايم اين اي حنيف عباسي، شيخ رشيد طرفان منشيات ايفي ڊرين سمگل چوڻ تي داخل ڪرايو هو.

Read Previous

حڪومت ۽ جهانگير ترين گروپ ۾ معاملا طئي ٿي ويا

Read Next

ماتلي جي صوبائي تڪ پي ايس ستر تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ

Most Popular