متحده عرب امارات پاران اسرائيل ۽ فلسطين کي امن ڳالهين لاءِ تعاون جي آڇ

متحده عرب امارات چيو آهي ته اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ امن جي لاءِ ڪيل ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.

عرب ميڊيا موجب ابوظهبي جي ولي عهد شهزاده شيخ محمد بن زايدالنهيان مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اسرائيل ۽ فلسطين جي معاملي تي  خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ۽ خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ تجويزن تي ڳالهيون  ڪيون.

شهزادي شيخ محمد بن زايدالنهيان اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ جنگبندي ۾ مصر جي ڪردار جي تعريف ڪندي پائيدار امن جي لاءِ وڌيڪ ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي شهزادي اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ امن ڳالهين جي لاءِ هر قسم جي تعاون ۽ سهولت ڏيڻ جي آڇ ڪندي چيو ته جنگبندي برقرار رکڻ ۽ امن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ سمورين ڌرين سان ملي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

Read Previous

پاڪستان ۽ ترڪي سميت عالمي دٻاءُ جا اثر، حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگبندي جو اعلان

Read Next

سنڌ ۾ پنجاهه سالن کان پ پ جي حڪومت هجڻ باوجود ترقياتي ڪم ناهن ٿيا: اسد عمر

Most Popular