سنڌ ۾ پنجاهه سالن کان پ پ جي حڪومت هجڻ باوجود ترقياتي ڪم ناهن ٿيا: اسد عمر

وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته سنڌ ۾ 50 سالن کان پيپلز پارٽي جي حڪومت هجڻ جي باوجود ترقياتي ڪم ناهن ٿي سگهيا. ڪيترن ئي شهرن کي گيس ڏيندڙ ضلعو گهوٽڪي پاڻ گيس جي سهوليت کان محروم آهي.

گهوٽڪي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي وفاقي وزير منصوبه بندي ۽ اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر چيو ته گهوٽڪي سڀني کان وڌيڪ گيس جي پيداوار ڏيندڙ ضلعو آهي ۽ هتان کان پاڪستان جي مختلف شهرن کي گيس جي فراهمي ڪئي ويندي آهي. اهو ظلم هو ته جنهن ضلعي مان ٻين شهرن کي گيس ڏني وڃي ۽ اتان جي مقامي آبادي کي گيس نه پئي ڏني وڃي.

اسد عمر چيو ته وزيراعظم قدرتي وسيلن جي فيلڊز جي لاڳاپيل علائقن ۾ گيس فراهمي يقيني بنائي. جنهن ضلعي ۾ گيس نڪري ٿو اتان جي رهواسين لاءِ گيس جي فراهمي يقيني بنائي آهي. وزيراعظم جتي وسيلا آهن اتان جي ماڻهن سهوليتون ڏيڻ تي يقين رکي ٿو. وزيراعظم جي سکر اچڻ تي 14 ضلعن ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇائڻ جو اعلان ڪيو ويو. جڏهن ته  هڪ ڏينهن اندر گهوٽڪي، جيڪب آباد، خيرپور، سکر ۾ ترقياتي اسڪيمن جو افتتاح ڪري رهيو آهيان. وفاقي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ڪم ڪرڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، سنڌ حڪومت جي پاليسي آهي ته نه ڪم ڪنداسين ۽ نه وري ڪرڻ ڏينداسين.

Read Previous

متحده عرب امارات پاران اسرائيل ۽ فلسطين کي امن ڳالهين لاءِ تعاون جي آڇ

Read Next

چوڌري نثار ٽن سالن کان پوءِ به اسيمبلي پهچي حلف نه کڻي سگهيو

Most Popular