پاڪستان ۽ ترڪي سميت عالمي دٻاءُ جا اثر، حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگبندي جو اعلان

پاڪستان ۽ ترڪي سميت دنيا جي ڪوششن رنگ لاتو. يارنهن ڏينهن کان پوءِ اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگبندي جي معاهدي تي عمل جي شروعات ٿي وئي آهي.

اسرائيلي ڪابينه غزه جي پٽي ۾ سيز فائر جي منظوري ڏني. غزه تي يارنهن ڏينهن کان جاري رهندڙ شديد بمبماري رڪجي وئي. حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگبندي جي معاهدي تي عمل شروع ٿي ويو. جنهن کان پوءِ فلسطينين مٿان حملا رڪجي ويا. حماس ۽ اسرائيل جي جنگبندي جي سموري دنيا آجيان ڪئي آهي. ان حوالي سان آمريڪا چيو آهي ته حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگبندي  واري معاهدي جي آجيان ڪريون ٿا.

آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته غزه ۾ نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ گڏيل قومن سان ملي ڪم ڪنداسين. فلسطيني اختيارين جي مڪمل ڀائيواري ۾ اهو ڪم ڪنداسين. آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته اسرائيلي ۽ فلسطيني ٻنهي کي محفوظ زندگيون گذارڻ جو حق آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس به چيو آهي ته يارنهن ڏينهن جي دشمني کان پوءِ جنگبندي خوشي جوڳو قدم آهي. والاريل فلسطيني علائقن جي متاثرين سان دلي تعزيت ڪريان ٿو.

Read Previous

خوراڪ کاتي جي صوبائي وزير هري رام کي آفيس اندر دل جو دورو، اسپتال منتقل

Read Next

متحده عرب امارات پاران اسرائيل ۽ فلسطين کي امن ڳالهين لاءِ تعاون جي آڇ

Most Popular