چوڌري نثار ٽن سالن کان پوءِ به اسيمبلي پهچي حلف نه کڻي سگهيو

چوڌري نثار علي خان حلف کڻڻ کان سواءِ ئي اسيمبلي مان ٻاهر نڪري آيو. رپورٽ موجب سينئر سياستدان   چوڌي نثار علي خان پنجاب اسيمبلي ۾ پنهنجي رڪنيت جو حلف کڻڻ جي لاءِ پهتو ته صحافين جي هڪ وڏي انگ سندس گهيرو ڪري ورتو ۽ ان جي سياسي حڪمت عملي تي سوال شروع ڪري ڏنا پر چوڌري نثار صحافين جي ڪنهن به سوال جو جواب ڏيڻ کان سواءِ خاموشي سان ايوان ۾ داخل ٿي ويو جتي  هن کي اسيمبلي چيمبر ۾ ويهاريو ويو.

چوڌري نثار اسيمبلي پهچڻ تي اسيمبلي جي سيڪريٽري محمد خان  ڀٽي سان ملاقات ڪئي ۽ کيس حلف کڻڻ جي حوالي سان باضابطه آگاهه ڪندي چيو ته اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي غير موجودگي ۾ حلف کڻي سگهان ٿو. پنجاب اسيمبلي جي رولز 15 موجب پينل آف چيئرمين جو حلف کڻي سگهان ٿو. چوڌري نثار رولز جي ڪاپي به اسپيڪر پنجاب اسيمبلي جي چيمبر ۾ پيش ڪئي پر ڊگهي دير تائين انتظار ڪرڻ کان پوءِ کيس بنا حلف کڻڻ جي ايوان کان ٻاهر اچڻو پيو.

Read Previous

سنڌ ۾ پنجاهه سالن کان پ پ جي حڪومت هجڻ باوجود ترقياتي ڪم ناهن ٿيا: اسد عمر

Read Next

بليڪ لسٽ وارو معاملو: شهباز شريف داخل ڪيل درخواستون واپس وٺي ڇڏيون

Most Popular