بليڪ لسٽ وارو معاملو: شهباز شريف داخل ڪيل درخواستون واپس وٺي ڇڏيون

لاهور هاءِ ڪورٽ  شهباز شريف طرفان داخل ڪيل درخواستون اڪلائي ڇڏيون.

تفصيل موجب لاهور هاءِ ڪورٽ م شهباز شريف جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ڪيس جي ٻڌڻي لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس باقر علي نجفي ڪئي. ٻڌڻي جي  شروعات تي شهباز شريف جي وڪيل ايڊووڪيٽ امجد پرويز عدالت کي آگاهه ڪيو ته حڪومت شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ هي درخواستون ٻڌڻ جوڳيون ناهن رهيون. ان ڪري درخواستون واپس وٺڻ جي اجازت ڏني وڃي.

ان موقعي تي عدالتي ڪمري ۾ موجود وفاقي حڪومت جي وڪيل درخواستون واپس وٺڻ جي مخالفت ڪندي پنهنجي موقف ۾ چيو ته وفاقي حڪومت لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ اوري معاملي تي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي. ڪنهن به فيصلي کان اڳ درخواستن تي پهريان حڪومت جو موقف ورتو وڃي. جنهن تي شهباز شريف جي وڪيل چيو ته قانون ۾ درخواست واپس وٺڻ جي ڪابه پابندي نه آهي.

Read Previous

چوڌري نثار ٽن سالن کان پوءِ به اسيمبلي پهچي حلف نه کڻي سگهيو

Read Next

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ آءِ ايس آءِ هيڊ ڪوارٽرز ۾ اهم اجلاس

Most Popular