شاهد آفريدي ۽ نسيم شاهه پي ايس ايل کان ٻاهر

پاڪستان سپر ليگ ۾ ملتان سلطانز جي نمائندگي ڪندڙ اسٽار آل رائونڊر شاهد آفريدي انجري سبب ۽ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جو فاسٽ بالر نسيم شاهه ڪورونا پروٽوڪولز جي ڀڃڪڙي تي ايونٽ کان ٻاهر ٿي ويا آهن.

اڳوڻو ڪپتان شاهد آفريدي پي ايس ايل 6 جي رهيل ميچن جي سلسلي ۾ ڪراچي ۾ ٽريننگ ڪري رهيو هو ته هن پنهنجي چيلهه جي هيٺئين حصي ۾ تڪليف محسوس ڪئي، جنهن کانپوءِ ڊاڪٽرن جائزو وٺي کيس ڪجهه هفتن لاءِ آرام جي صلاح ڏني آهي، جنهن سبب هو ابوظهبي ۾ شيڊيول پي ايس ايل جي رهيل ميچن ۾ شرڪت نه ڪري سگهندو.

هوڏانهن فاسٽ بالر نسيم شاهه به پي ايس ايل جي رهيل ميچن ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي نمائندگي نه ڪري سگهندو.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب پي ايس ايل 6 جي رهيل ميچن لاءِ ڪورونا پروٽوڪولز تحت ڪراچي ۽ لاهور مان چارٽر فلائيٽ ذريعي ابوظهبي روانو ٿيندڙ مسافرن کي 24 مئي تي لاهور ۽ ڪراچي جي ٽيم هوٽلز ۾ داخل ٿيندي وڌ کان وڌ 48 ڪلاڪ اڳ پنهنجي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ جمع ڪرائڻي هئي پر نسيم شاهه 18 مئي تي ڪرايل ڪورونا ٽيسٽ جي رپورٽ جمع ڪرائي.

Read Previous

جتي شهباز شريف هجي، اتي منهنجي موجودگي ضروري ناهي: مريم نواز

Read Next

اداڪارا زويا سان مڱڻو ٽُٽڻ تي جرمن وي لاگر به خاموشي ٽوڙي ڇڏي

Most Popular