اداڪارا زويا سان مڱڻو ٽُٽڻ تي جرمن وي لاگر به خاموشي ٽوڙي ڇڏي

تازو اسلام قبول ڪندڙ جرمن وي لاگر ڪرسچين بيٽزمين اداڪارا زويا ناصر سان مڱڻو ٽٽڻ تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.

زويا ناصر جرمن وي لاگر سان مڱڻو ٽوڙڻ جو اعلان ڪندي چيو هو ته منهنجي ملڪ، ثقافت، ماڻهن جي حوالي سان ڪرسچين جي موقف ۾ ايندڙ اوچتي تبديلي ۽ منهنجي مذهب بابت بي حسي سبب مون کي اهو ڏکيو فيصلو ڪرڻو پيو.

زويا طرفان مڱڻو ٽوڙڻ جي اعلان کانپوءِ سوشل ميڊيا تي بحث جاري آهي ۽ جرمن وي لاگر کي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

هاڻ ڪرسچين انسٽاگرم اسٽوريز ذريعي وضاحت ڏيندي چيو آهي ته مان ڪنهن کان معافي نه پيو گهران، مان نه مذهب ۽ نه پاڪستان خلاف ڳالهه ڪئي آهي.

Read Previous

شاهد آفريدي ۽ نسيم شاهه پي ايس ايل کان ٻاهر

Read Next

سام سنگ خاموشي سان هڪ مڊرينج 5 جي فون پيش ڪري ڇڏيو

Most Popular