جتي شهباز شريف هجي، اتي منهنجي موجودگي ضروري ناهي: مريم نواز

مريم نواز

ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته چوڌري نثار جو ن ليگ سان واسطو ناهي، قبول ڪرڻ جو سوال ئي نٿو ٺهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته هر طبقو مهانگائي سان متاثر آهي، ماڻهو تباهه ٿي ويا آهن، حڪومت کي پٽي رهيا آهن، ترقي جا ڪوڙا انگ اکر جاري ڪيا پيا وڃن.

شهباز شريف جي ڊنر ۾ شرڪت نه ڪرڻ بابت هن چيو ته ن ليگ صدر جو ڪردار اپوزيشن ليڊر جو آهي، اهو ان کي نڀائي رهيو آهي، پارليامينٽيرينز جو ڊنر هو مان پارليامينٽيرين ناهيان، منهنجو هر هنڌ موجود هجڻ به ضروري ناهي، جتي شهباز شريف پاڻ موجود هجي، اتي منهنجي موجودگي ضروري ناهي.

Read Previous

پ پ پنهنجي غلطي تسليم ڪري: مولانا فضل الرحمان

Read Next

شاهد آفريدي ۽ نسيم شاهه پي ايس ايل کان ٻاهر

Most Popular