سام سنگ خاموشي سان هڪ مڊرينج 5 جي فون پيش ڪري ڇڏيو

سام سنگ خاموشي سان پنهنجو هڪ نئون مڊرينج اسمارٽ فوج گليڪسي ايف 52 فائيو جي متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.

گليڪسي ايف سيريز جو هي نئون فون 6.6 انچن جي فل ايڇ ڊي پلس ٽي ايف ٽي اسڪرين سان ليس آهي جنهن ۾ 120 هرٽز ريفريش ريٽ موجود آهي.

ڊسپلي تي کاڄي ڪنڊ ۾ پنچ هول ڊيزائن ۾ 16 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا موجود آهي.

فون جي اندر اسنيپ ڊراگون 750 جي پراسيسر ڏنو ويو آهي جڏهن ته اينڊرائيڊ 11 آپريٽنگ سسٽم جي ڀيٽ ون يو آءِ 3.1 سان ڪئي وئي آهي.

گليڪسي ايف 52 ۾ 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج موجود آهي جنهن ۾ مائيڪرو ايس ڊي ڪارڊ سان هڪ ٽي بي تائين واڌ ڪري سگهجي ٿي.

Read Previous

اداڪارا زويا سان مڱڻو ٽُٽڻ تي جرمن وي لاگر به خاموشي ٽوڙي ڇڏي

Read Next

عالمي برادري ڪورونا کي جنگ سمجهي جدوجهد ڪري: انتونيو گوتريس

Most Popular