عالمي برادري ڪورونا کي جنگ سمجهي جدوجهد ڪري: انتونيو گوتريس

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته دنيا هن وقت ڪورونا وائرس جي عالمي وبا خلاف جنگ جي حالت ۾ آهي.

جنيوا ۾ صحت جي عالمي اداري جي سالياني اجتماع کي خطاب ڪندي انتونيو گوتريس چيو ته اها جنگ کٽڻ لاءِ عالمي برادري کي پنهنجي جدوجهد ۾ جنگ جو منطق اختيار ڪرڻو پوندو.

هن چيو ته ڪورونا جي عالمي وبا خلاف ڪاميابي لاءِ عالمي برادري کي پنهنجا ”هٿيار“ ائين ئي استعمال ڪرڻا پوندا، جيئن جنگ جي حالت ۾ ڪيا ويندا آهن.

واضح رهي ته ڊبليو ايڇ او جي رڪن ملڪن جو انگ 194 آهي ۽ اهي سڀ ٿيندڙ ورچوئل اجلاس ۾ شريڪ آهن، صحت بابت اها عالمي اسيمبلي پهرين جون تائين جاري رهندي.

Read Previous

سام سنگ خاموشي سان هڪ مڊرينج 5 جي فون پيش ڪري ڇڏيو

Read Next

مراد علي شاهه جي شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ شهيد پوليس اهلڪارن جي وارثن سان ملاقات

Most Popular