وزيراعظم جو ڊي جي خان ۾ شهري جا عضوا ڪپڻ جو نوٽيس، آپريشن جو حڪم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان پوليس ۽ رينجرز کي ڊيرا غازي خان ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ليه ۾ صحت انصاف ڪارڊ تقريب دوران هن چيو ته ڊي جي خان ۾ ڌاڙيلن ظلم ڪيو آهي، آءِ جي پنجاب پوليس انعام غني ۽ رينجرز کي اڄ ئي فون ڪندس ته ڏوهارين خلاف قدم کڻو، اتي پوليس جي چوڪي ٺاهينداسين، هاڻ ڪير به ڌاڙيلن کي برداشت نه ڪندو، جيڪي وڏي وقت کان مقامي ماڻهن تي ظلم ڪري رهيا آهن، رينجرز کي پوليس جي مدد جو حڪم ڏيندس.

واضح رهي ته ڊيرا غازي خان ۾ لادي گينگ طرفان شهري جا هٿ، ٻانهون، ڪَن، نَڪ ڪپڻ جو هيانءُ ڏاريندڙ واقعو پيش آيو، جنهن جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.

تقريب کي خطاب ۾ وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ هيل تائين اهو ٿيندو رهيو آهي ته مرڪزي شهرن لاهور، اسلام آباد ۾ وڌيڪ پئسو خرچ ڪيو ويو، جڏهن ته ڏورانهن علائقن تي خرچ نه ڪيو ويو، ان سان شهرن جي آبادي ۾ واڌ ٿي ۽ مناسب انتظام نه ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ سيوريج سسٽم ۽ صفائي سٿرائي جا مسئلا پيدا ٿيا، غريب علائقن ۾ پاڻي صورتحال انتهائي خراب آهي، ضروري آهي ته ترقي ۾ سڀني علائقن کي شامل ڪيو وڃي.

Read Previous

جسٽس فائز عيسيٰ خلاف نيون حڪومتي درخواستون رد

Read Next

لنڊسي لوهان جي وڏي وقت کانپوءِ فلمي دنيا ۾ واپسي

Most Popular