جسٽس فائز عيسيٰ خلاف نيون حڪومتي درخواستون رد

جسٽس منيب اختر

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي رجسٽرار آفيس حڪومت طرفان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف داخل نظرثاني درخواستون رد ڪري ڇڏيون.

صدر عارف علوي، وزيراعظم عمران خان، قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم، خاص مددگار شهزاد اڪبر ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي ڪيس خلاف نظرثاني درخواستون داخل ڪيون هيون.

سپريم ڪورٽ نظرثاني لاءِ درخواستن کي اعتراض کانپوءِ واپس ڪري ڇڏيو، رجسٽرار آفيس اعتراض واريو آهي ته هڪ ڪيس ۾ ٻه ڀيرا نظرثاني نٿي ٿي سگهي.

هوڏانهن صدر عارف علوي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريفرنس ۾ سپريم ڪورٽ سان ٻيهر رابطو ڪري ورتو.

صدر طرفان درخواستن جي ٻڌڻي ٻيهر ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني وئي آهي.

Read Previous

مراد علي شاهه جي شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ شهيد پوليس اهلڪارن جي وارثن سان ملاقات

Read Next

وزيراعظم جو ڊي جي خان ۾ شهري جا عضوا ڪپڻ جو نوٽيس، آپريشن جو حڪم

Most Popular