لنڊسي لوهان جي وڏي وقت کانپوءِ فلمي دنيا ۾ واپسي

آمريڪي اداڪارا لنڊسي لوهان وڏي وقت کانپوءِ فلمي دنيا ۾ واپسي ڪري رهي آهي.

لنڊسي لوهان پنهنجي ڪيريئر جي بحالي لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن ۽ هوءَ نيٽ فلڪس جي فلم ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريندي.

رپورٽن موجب 34 ورهين جي اداڪارا ڪاميڊي ۽ رومانس تي ٻڌل ان فلم ۾ مک ڪردار نڀائيندي نظر ايندي، جڏهن ته فلم جي ٻي ڪاسٽ جو اعلان اڃا ناهي ڪيو ويو.

فلم جي شوٽنگ نومبر ۾ شروع ڪئي ويندي، جڏهن ته اها ايندڙ سال جي آخر ۾ رليز ٿيندي.

Read Previous

وزيراعظم جو ڊي جي خان ۾ شهري جا عضوا ڪپڻ جو نوٽيس، آپريشن جو حڪم

Read Next

ڪوئيٽا کي ٻيو ڌڪ، انور علي ڪورونا مريض نڪتو

Most Popular