پ پ ۽ اي اين پي کي پنهنجو رستو مبارڪ هجي: شاهد خاقان عباسي

پي ڊي ايم جي جنرل سيڪريٽري شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پ پ ۽ اي اين پي اپوزيشن اتحاد ڇڏي ڏنو آهي، انهن جو رستو الڳ آهي ۽ کين پنهنجو رستو مبارڪ هجي.

ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته ڪنهن کي ناهي چيو پي ڊي ايم تان استعيفيٰ ڏيندس، پي ڊي ايم جي فيصلن تي عمل ۽ دفاع ڪرڻ منهنجو ڪم آهي، اڄ به ملڪي سياست جو محور نواز شريف آهي.

هن چيو ته گروٿ جون ابتيون سبتيون ڳالهيون ڪرڻ سان ملڪ نه هلندو، ملڪ آئين ۽ قانون جي بالادستي سان هلندو آهي، ڌاڙا هڻندڙ اڄ پرائيويٽ جهازن ۾ ٻاهر وڃي رهيا آهن، جڏهن ته ملڪ جي خدمت ڪندڙ اڄ عدالتن جا چڪر هڻي رهيا آهن.

سندس موجب اڄ هر پاڪستاني جي آمدني 2018 جي ڀيٽ ۾ 20 سيڪڙو گهٽ ٿي چڪي آهي، حڪومت جو ڪو اهڙو معاشي قدم ناهي، جيڪو ملڪ کي بهتري ڏئي سگهي، ڇا اسان جي پرڏيهي پاليسي آزاد آهي، ڇا اسان جي ملڪ کي آزاد چئي سگهجي ٿو؟

Read Previous

بجيٽ ۾ عوام کي رليف ڏينداسين: وزيراعظم

Read Next

اسان سان سياست نه انصاف ڪيو وڃي: جهانگير ترين

Most Popular