چيلسي، مانچسٽر کي هارائي چيمپيئنز ليگ کٽي ورتي

چيمپيئز ليگ جي فائنل ۾ انگلش ڪلب چيلسي پنهنجي ئي ملڪ جي ڪلب مانچسٽر سٽي کي 0-1 تان شڪست ڏئي اهو اهم يورپي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.

ڇنڇر جي رات پرتگال جي شهر پورٽو ۾ کيڏيل ان ميچ جو اڪيلو گول 42هين منٽ ۾ ڪائي هائيورٽس ڪيو.

چيلسي ان ڪاميابيءَ سان ٻيو ڀيرو ٽائيٽل کٽڻ جو اعزاز ماڻي ورتو آهي پر جيڪڏهن مانچسٽر سٽي ڪلب ڪاميابي ماڻي ها ته اهو ان جو پهريون ٽائيٽل هجي ها.

Read Previous

افغانستان ۾ مختلف حملن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 11 ڄڻا اجل جو شڪار

Read Next

چيني ڪمپني نئين گيمنگ سمارٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏي

Most Popular