چيني ڪمپني نئين گيمنگ سمارٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏي

چيني ڪمپني نوبيا پنهنجي نئين گيمنگ سمارٽ فون ريڊ ميجڪ 6 آر متعارف ڪرائي ڇڏي.

اها ريڊ ميجڪ 6 سيريز جي ٽين فون آهي، جنهن جي باڊي وڌيڪ سَنهي ۽ ڊيزائن کي پرڪشش بڻايو ويو آهي.

ان فون ۾ ڪوالڪوم جو فليگ شپ پراسيسر اسنيپ ڊراگون 888 موجود آهي، جنهن سان گڏ 8 کان 12 جي بي ريم ڏني وئي آهي.

فون ۾ 6.67 انچ جو اموليڊ ڊسپلي 144 هرٽز ريفريش ريٽ سان ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ٽچ سينسرز سان ليس شولڊر ٽريگرز به ان جو حصو آهن.

Read Previous

چيلسي، مانچسٽر کي هارائي چيمپيئنز ليگ کٽي ورتي

Read Next

پيءَ جو لاڏاڻو ڪورونا سبب ٿيو هو: سارا خان جو انڪشاف

Most Popular