پيءَ جو لاڏاڻو ڪورونا سبب ٿيو هو: سارا خان جو انڪشاف

اداڪارا سارا خان انڪشاف ڪيو آهي ته منهنجي پيءَ جو لاڏاڻو ڪورونا وائرس سبب ٿيو.

سارا خان تازو خانگي ٽي وي چئنل جي شو ۾ شرڪت ڪئي هئي ۽ ان دوران هن پنهنجي پيءَ جي لاڏاڻي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.

سندس چوڻ هو ته منهنجي پيءَ جو لاڏاڻو ڪورونا سبب ٿيو هو ۽ اهو وائرس پيءَ مان سڄي گهر ڀاتين ۾ منتقل ٿي ويو هو پر والد جي عمر 70 ورهين کان مٿي هئي، تنهن ڪري ڪورونا جو ان تي شدت سان حملو ٿيو ۽ هو 5 ڏينهن ۾ ئي لاڏاڻو ڪري ويو.

اداڪارا چيو ته فلڪ سميت اسان سڀني ڀيڻن ڀائرن ۾ ڪورونا جون مختلف علامتون هيون، ڪنهن جي سنڌن ۾ سور هو ته ڪنهن جي مٿي ۾.

سارا خان ٻڌايو ته ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ کانپوءِ مون کي مٿي ۾ سخت سور هو، جيڪو برداشت کان ٻاهر هو ۽ سور صحتياب ٿيڻ کانپوءِ به ٻن مهينن تائين هلندو رهيو.

واضح رهي ته اداڪارا سارا خان جو پيءُ گذريل سال جي آخر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو.

Read Previous

چيني ڪمپني نئين گيمنگ سمارٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏي

Read Next

سنڌ ۾ پاڻي کوٽ سان زراعت سخت متاثر آهي: اسماعيل راهو

Most Popular