خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب گوڙ پيا ڪن ته بلوچستان کي وڌيڪ پئسو ڏنو ويو: وزيراعظم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مون کي اپوزيشن تي قياس اچي رهيو آهي، اسان جي ايندڙ حڪومت ۾ پاڪستان وڌيڪ تيزي سان ترقي ڪندو.

زيارت ريزيڊنسي ۾ تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ماضي ۾ بلوچستان تي ڌيان نه ڏنو ويو، اسان جي حڪومت جيترو بلوچستان کي سٺو سمجهيو، گذريل حڪومتن نه سمجهيو، جيترو پئسو هاڻ خرچ ڪري رهيا آهيون، اڳ ۾ ايترو نه ڪيو ويو، مان بادشاهه نه وزيراعظم آهيان، ناڻي واري وزير سان ڳالهائڻو پوندو آهي، ڏسڻو پوندو آهي ته پئسو ڪيترو آهي، اڳ ئي خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب گوڙ ڪري رهيا آهن ته بلوچستان کي وڌيڪ پئسو ڏنو ويو.

هن چيو ته بلوچستان کي 700 ارب رپين جو سڀ کان وڏو پئڪيج ڏنو آهي، هاڻ روڊن جو به پيڪيج ڏئي رهيا آهيون، جيتري به گنجائش هوندي بلوچستان تي خرچ ڪنداسين، بلوچستان جي پٺ تي پيل علائقن تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، ڪوشش ڪنداسين ته ايندڙ سال زيارت ۾ ايل پي جي پلانٽ لڳايون.

Read Previous

سنڌ ۾ پاڻي کوٽ سان زراعت سخت متاثر آهي: اسماعيل راهو

Read Next

بلاول جي اسد طور سان عيادت، جاچ نتيجا جلد سامهون آڻڻ جو مطالبو

Most Popular